دڙو ناروءَ جو

دڙو ناروءَ جو: هي دڙو ٽنڊي مستي ۽ ڪوٽڏيجيءَ جي رستي ڀرسان ڪوٽڏيجيءَ کان اٽڪل ستن ميلن جي پنڌ تي آهي. هي واريءَ جو هڪ دڙو آهي، جنهن جي ڊيگهه اڍائي هزار فوٽ، ويڪر پندرهن سؤ فوٽ ۽ اوچائي پنجويهه فوٽ آهي، هتي ڪافي ٺڪراٺو مليو آهي. هتان ڌنارن جي هٿان لڌل ٺڪريون ۽ ڪجهه ٺڪر جا ٿانو پراڻي تهذيب جي نشاندهي ڪن ٿا. 1935ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر ڊاڪٽر گھور هي دڙو ڏسي ٻڌايو هو ته هي دڙو ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ جو دڙو ٻئي هڪڙي وقت جا ۽ پراڻي تهذيب جا يادگار آهن ۽ اتان هٿ آيل ٺڪريون ۽ ٿانوَ موهن جي دڙي مان لڌل شين سان مشابهت رکن ٿا. پهرين سيپٽمبر 1955ع تي آثارِ قديمه کاتي وارن ناروءَ جي دڙي جو معائنو ڪيو هو. هنن ڪجهه کوٽائي ڪري اهو اندازو لڳايو هو ته هي ٺڪراٺو صرف ڇهن انچن اندر آهي.
هتان ڪجهه ٺڪر جا ٿانو به لڌا ويا آهن، جيڪي هڙپا تهذيب سان مشاهبت رکن ٿا هن دڙي ۾ ڪي عمارتون وغيره ڪين آهن، ان ڪري ماهرن جو خيال آهي ته هتي هڙپا وارن عارضي طور ڪجهه وقت رهائش اختيار ڪئي هوندي. سنڌ جي نامياري ڏاهي، عالم ۽ شاعر ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ ناروءَ جي دڙي جي معائني دوران هڪ سالم لوٽي ۽ ڪجهه رنگين ٺڪريون هٿ ڪيون هيون، جيڪي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شوري ۾ جمع ڪرايون هئائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو